عظيم سنڌي

عظيم سنڌي

عظيم سنڌي

عظيم سنڌي: شاعر ۽ اديب، عظيم سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعظيم ولد محمد يوسف سولنگي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1952ع تي موري شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ميرڻ جي ڳوٺ جا رهاڪو هئا. عظيم سنڌي پرائمريءَ کان گريجوئيشن تائين تعليم موري شهر ۾ پڙهيو. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران شاگرد يونين ۾ حصو ورتائين، جنهن ۾ هو يونين جو صدر پڻ رهيو. ايم. اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1972ع ڌاري ڪئي. عظيم سنڌي 1972ع کان 1976ع تائين شهيد عبدالرزاق سنگت موري جو سيڪريٽري رهيو. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت جو 1976ع ۾ سيڪريٽري، پوءِ مختلف عهدن تي به رهيو. مهراڻ ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري، هسٽاريڪل سوسائٽي موري جو جنرل سيڪريٽري رهيو. عظيم سنڌي ماهوار رسالي ساڃاهه جو 1990ع کان پبلشر رهيو. روزاني خادم وطن حيدرآباد ۾ 1991ع کان 1993ع تائين ‘دل جو دفتر’ جي سري سان هفتيوار ڪالم لکندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتاب ‘مٽيءَ جي مهڪ’ قابل ذڪر آهي.


لفظ عظيم سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.01  عيسوي

شاعر ۽ اديب، عظيم سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعظيم ولد محمد يوسف سولنگي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1952ع تي موري شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال الدين سيوطي
رحيم بخش سومرو
عبدالغفور انصاري
پنواڻي
جوڻيجو جان محمد
محمد رفيق بلوچ
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
خضر حيات خان سردار
شميم آرا
آئن اسٽائن البرٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون